عابدا پروين سان گڏ ڳائڻ جي خواهش آهي: سجاد سولنگي

سنڌ جي ضلعي دادو سان تعلق رکندڙ نوجوان گلوڪار سجاد سولنگي عابدا پروين جو مداح نڪتو، مهدي حسن جي انداز کان به متاثر آهي.

رپورٽ موجب هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڳائڻي ٻڌايو ته ننڍي عمر کان ڪلاسيڪي موسيقي کي سکڻ ۽ ان کي ڳائڻ وارن کان متاثر آهي. عابدا پروين سان ملڻ جي خواهش آهي جيئن عابدا پروين سان گڏ ڳائڻ جو  موقعو ملو ته سندس خواهش پوري ٿي ويندي.

سجاد سولنگي ٻڌايو ته مهدي حسن گهڻو پسند آهي ۽ هو وڌيڪ مهدي حسن جا گانا ۽ غزلون محفلن ۾ ڳائيندو آهي.

سجاد جي ڳائڻ جي انداز کيس سوشل ميڊيا تي مقبول ڪيو. سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي واهپيدار سندس آواز ۾ ڳايل گانن تي وڊيوز ٺاهيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.