شاهه رخ جي فلم ”پٺان“ برج خليفا تي مداحن لاءِ پيش

بالي ووڊ جي ميگا اسٽار شاهه رخ خان جي فلم ”پٺاڻ“ جو ٽريلر دنيا جي سڀ کان ڊگهي عمارت ”برج خليفا“ تي ڏيکاريو ويندو.

رپورٽ موجب گڏيل عرب امارات ۾ شاهه رخ خان جا مداح وڏي انگ ۾ موجود آهن جيڪي شاهه رخ خان جي فلم جو بيچيني سان انتظار ڪري رهيا آهن. ان لاءِ فلم ”پٺان“ جي ٽريلر کي ”برج خليفا“ تي ڏيکاريو ويندو. ان موقعي تي شاهه رخ خان به موجود  هوندو ۽ فلم جي ٽريلر کي ”برج خليفا“ تي اچڻ وڃڻ وقت ڏسندا. شاهه رخ خان عالمي ٽي 20 ليگ لاءِ امارات ۾ موجود آهي.

شاهه رخ جي فلم ريليز ٿيڻ کان اڳ ئي تڪرار جو شڪار رهي. ڀارتي سينسر بورڊ فلم ميڪرز کي فلم جا مختلف سينز ڪڍڻ جو حڪم به ڏنو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.