شهزادي هيريءَ جا پيءَ ۽ ڀاءَ سان ڪهڙا اختلاف هئا، پاڻ ٻڌائي ڇڏيائين

برطانوي شهزادي هيري چيو آهي ته پيءَ ۽ ڀاءَ سان لاڳاپن جي حوالي سان مون وٽ وڌيڪ هڪ ڪتاب لکڻ جيترو مواد موجود آهي.

پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي شهزادي هيري چيو ته منهنجي تازو ڇپيل آتم ڪٿا پهريان اٺ سئو صفحن جي هئي پر هاڻي اِها چار سئو صفحن جي آهي.

شهزادي هيري چيو ته خاص طور تي ڀاءَ ۽ منهنجي وچ ڪيئي شيون ٿيون جڏهن ته پيءَ سان به ڪنهن حد تائين مسئلا رهيا جيڪي دنيا کي ٻڌائڻ نٿو چاهيان ڇاڪاڻ ته مون کي نٿو لڳي ته پوءِ هو مونکي معاف ڪندا.

ٻئي پاسي شهزادي هيري جي ڪتاب تي ڪيل انڪشافن ۽ انٽرويوز تي شاهي خاندان اڃا تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.