منشيات جي سمگلنگ ۾ ڪبوتر جو ڪردار، حيران ڪندڙ واقعو

 

ڪينيڊين اختيارين موجب هڪ ڪبوتر کي جيل جي اڱڻ ۾ منشيات سان ڀريل ٿيلهي سان گڏ پڪڙيو ويو آهي.

عجيب ۽ حيران ڪندڙ خبر جو اعلان ڪندي ڪينيڊين ايسوسيئيشن آف ڪريڪشنل آفيسرز جي پيسيفڪ ريجنل صدر جان رنڊل چيو ته ڪبوتر کي 29 ڊسمبر تي برٽش ڪولمبيا ۾ پيسيفڪ ڪريڪشنل اينسٽيٽيوشن جي اڱڻ ۾ پڪڙيو ويو هو، ڪبوتر سان جڙيل هڪ ٿيلهي ۾ منشيات موجود هئي.

هن چيو ته تازن سالن ۾ جيل جا آفيسر منشيات ۽ ٻيون پابنديون پيل شيون کڻي ويندڙ ڊرونز جي ڳولا ۾ رهندا هئا پر مان 13 سالن ۾ پهريون ڀيرو منشيات سمگلنگ ۾ ڪنهن پکي جي استعمال بابت ٻڌو.

سندس چوڻ هو ته ڊرون جي ڀيٽ ۾ ڪبوتر جي استعمال سان جاچ ۾ ڏکيائيون پيدا ٿيون آهن، منشيات جي سمگلنگ ۾ ڏوهارين جون صلاحيتون هر هڪ لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.