ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه وڌڻ جو سلسلو نه بيهجي سگهيو، اڄ به سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ ٿي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 20 ڊالر واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو 1920 ڊالرن جي سطح تي اچي ويو آهي.
هوڏانهن پاڪستان ۾ به في تولي ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ ترتيب وار 1200 رپيا ۽ 1029 رپيا واڌ ٿي آهي.
اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت هڪ لک 87 هزار 300 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت هڪ لک 60 هزار 580 رپيا ٿي وئي آهي.