نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ محمد رضوان به مُلڪ ڇڏي ويو

پاڪستان خلاف ڪاميابي بعد ڪيويز جي ڀارت لاءِ اُڏام، رضوان به مُلڪ ڇڏي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 1-2 تان نيوزيلينڊ جي نالي رهي.

سيريز ختم ٿيندي ئي ڪيوي ٽيم اسٽيڊيم کان سڌو جناح ٽرمينل روانو ٿي وئي.

پاڪستان ٽيم جا رانديگر سڀاڻي منجهند پنهنجن شهرن لاءِ روانو ٿي ويا جڏهن  نيوزيلينڊ جي ٽيم ڏيهه وڃڻ بدران ڀارت لاءِ روانو ٿي وئي.

انکانسواءِ پاڪستان جو وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ اسٽيڊيم کان ئي ايئرپورٽ لاءِ روانو ٿيو ۽ هن ڍاڪا لاءِ اُڏام ڀري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.