محمد يوسف ٽين ون ڊي ۾ شڪست جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ موجودا بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف چيو آهي ته مان تبصرو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيان، بابر اعظم جي ڪپتاني تي پنهنجي ڪا راءِ نٿو ڏئي سگهان، نائب ڪپتان کي کيڏائڻ نه کيڏائڻ وارو ڊومين منهنجو نه آهي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ٽيم جي بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف چيو ته شروعاتي ٻن ميچن دوران ٻي اننگز ۾ بال وڌيڪ ٽرن ٿي رهيو هو، ٽين ون ڊي ۾ ائين نه ٿيو، پر اِهو ڪو بهانو نه آهي اسان ان کان وڌيڪ سٺي ڪرڪيٽ کيڏي پئي سگهياسين.

هن چيو ته ٻه سئو اسي جو ٽارگيٽ سٺو هو پر پوءِ به ويهه رنسون گهٽ هيون، نيوزيلينڊ جي ڪاميابي جو ڪريڊٽ گلين فلپس ڏانهن وڃي ٿو جنهن ميچ جو رخ ڦيري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.