شاهين آفريدي بي پي ايل ۾ حصو وٺندو يا نه؟ واضح ٿي ويو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي بنگلاديش پريميئر ليگ نه کيڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب شاهين آفريدي فٽنس بحالي پروگرام تحت بي پي ايل کيڏڻ جو ارادو رکي پيو، پروگرام موجب شاهين شاهه آفريدي ٻه کان ٽي ميچون کيڏڻيون هيون.

فاسٽ بالر ايندڙ هفتي لاهور ويندو ۽ نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ پريڪٽس ڪندو.

ياد رهي ته گوڏي جي انجري سبب شاهين آفريدي انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ حصو نه ورتو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.