آءِ ايم ايف موجب پاڪستان مالياتي خساري ۾ وڃي رهيو آهي: شوڪت ترين

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ناڻي واري وزير شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف موجب پاڪستان مالياتي خساري ۾ وڃي رهيو آهي.

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي ترجمان مزلم اسلم سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت کي مهانگائي جي ڳڻتي ناهي، اسحاق ڊار هر هفتي صوبن سان رابطا ڪندو.

هن چيو ته ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 4.2 ارب ڊالر رهجي ويا آهن، واپاري اسٽيٽ بئنڪ هيڊ آفيس ٻاهران احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهن، ادائيگين لاءِ حڪومت کي پئسن جي ضرورت آهي.

شوڪت ترين سوال ڪيو ته قرض وٺي خسارو ڪيتري دير تائين پورو ڪري سگهجي ٿو؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.