اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته مڪاني چونڊن تي سياسي جماعتن جي اختلاف ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال اختيار ڪري ورتي آهي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ راڻا ثناءَ الله چيو ته ٻه سياسي جماعتون مڪاني چونڊن جي حق ۾ ته ٻه خلاف آهن، موجوده صورتحال ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي ڇڪتاڻ جو خدشو آهي.
بلدیاتی انتخابات کے 15 جنوری کوانعقاد پرسیاسی جماعتوں کےدرمیان اختلافات نےتشویشناک صورتحال اختیارکرلی ہے، دو سیاسی جماعتیں بلدیاتی انتخابات 15 جنوری کو کروانے کے حق میں تو دو اسکی مخالف ہیں، موجودہ صورتحال میں کراچی اورحیدرآباد میں بلدیاتی انتخابات کےمعاملے پرتصادم کا خدشہ ہے۔ 1)
— Rana SanaUllah Khan (@RanaSanaullahPK) January 14, 2023
هن چيو ته ڪجهه شرپسند عنصر صورتحال مان فائدو کڻي سگهن ٿا، ڪو ننڍو واقعو به ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو، سياسي جماعتن ۽ چونڊن سان لاڳاپيل ڌرين کي ڇڪتاڻ جي فضا کي ڊي فيور ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن ۽ عدليا حالتن جي سنگيني جو نوٽيس وٺي، آئين ۽ قانون جي روشني ۾ مناسب حل ڪڍيو وڃي.