اداڪار، ليکڪ، هدايت ڪار ۽ پروڊيوسر محب مرزا تصديق ڪئي آهي ته هن گذريل سال پيءُ جي خواهش تي شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي هو اڪيلو ناهي.
محب مرزا جي پيءُ محسن مرزا جنوري 2022 ۾ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ گذريل هڪ سال کان محب مرزا جي صنم سعيد سان شاديءَ جون افواهون به هلي رهيون آهن.
View this post on Instagram
هاڻي اداڪار صنم سعيد جو نالو وٺڻ کانوساءِ پنهنجي نئين زال جو نالو ٻڌائڻ کانسواءِ اها تصديق ڪئي ته هن هڪ سال اڳ شادي ڪري ڇڏي هئي.
محب مرزا تازو هڪ نجي ٽي وي چينل ۾ شريڪ ٿيو، جتي هن شادي بابت پڇيل سوال تي وضاحت ڏني پر اهو نه ٻڌايو ته هن هڪ سال اڳ ڪنهن سان شادي ڪئي آهي.
محب مرزا شادي جي سوال تي ٻڌايو ته خدا جو شڪر آحي ته هن هڪ سال اڳ شادي ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي هو اڪيلو زندگي نٿو گذاري.
هن وڌيڪ چيو ته هن شو کان اڳ هن شاديءَ جي ڳالهه ان لاءِ نه ڪئي ڇاڪاڻ ته ڪنهن سوال ئي نه پڇيو.