غريب جو الله واهي، حياتي بچائيندڙ 110 دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ حياتي بچائيندڙ دوائن جي کوٽ وڌي وئي، جنهن سبب ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي 110 کان وڌيڪ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي.

صحت بابت وفاقي وزارت جي ذريعن موجب ملڪ ۾ اينسٿيزيا، ڪينسر، نفسياتي مرضن، عضون جي پيوندڪاري ۽ ٻين بيمارين ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن جي سخت کوٽ ٿي وئي آهي.

وزارت جو چوڻ آهي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته خدشو آهي فارما ڪمپنيون اهي دوائون ٺاهڻ ۽ ٻاهران گهرائڻ بند ڪري ڇڏينديون.

ڊريپ اختيارين موجب کين 400 کان وڌيڪ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جون درخواستون وصول ٿيون هيون، پر 110 حياتي بچائيندڙ دوائن جي اگهن ۾ واڌ جي سفارش ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.