لاس ايجنلس ( ويب ڊيسڪ ) مشهور آمريڪي ڳائڻي ۽ روڪ اينڊ رول ميوزڪ جي باني ايلوس پريسلي جي ڌيءَ ۽ مائيڪل جيڪسن جي اڳوڻي گهرواري ليزا ميري پريسلي 54 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب ليزا ميري پريسلي آمريڪي گلوڪارا ايلوس جي اڪيلي ڌيءَ هئي، کيس لاس اينجلس ۾ سندس رهائشگاهه تي دل بيهڻ سبب اسپتال نيو ويو جتي هوءَ زندگي جي جنگ هارائي وئي.
گلوڪارا هلندڙ هفتي گولڊن گلوب ايوارڊ تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي.