سنڌ ۾ مڪاني چونڊن دوران ايف سي جي مقرري جي هدايت

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت سنڌ ۾ ماڪني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ دوران ايف سي جي مقري جي هدايت ڪري ڇڏي.

گهرو وزارت طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن دوران سيڪيورٽي لاءِ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جي مقرري جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته گهرو وزارت حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ايف سي جي مقرري جي هدايت ڪئي آهي.

واضح رهي ته جي ايڇ ڪيو طرفان اسٽيٽڪ مقرري کان انڪار بعد اليڪشن ڪميشن ايف سي جي اسٽيٽڪ مقرري جي درخواست ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.