ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي سيريز لاءِ عارضي چيف سليڪٽر شاهد آفريدي سيريز جي پڄاڻي تي الوداعي پيغام جاري ڪيو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل پيغام ۾ شاهد آفريدي نيوزيلينڊ کي ون ڊي سيريز ۾ ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون ۽ گڏوگڏ لکيو ته هو پراعتماد آهي ته قومي ٽيم جلد فارم ۾ واپس ايندي.
Thanks to the PCB for entrusting me with the chief selector’s role for #PakvNZ series. Thoroughly enjoyed the responsibility. Hope I lived up to the expectations of the fans with brave/bold decisions. Will always be available to help 🇵🇰 🏏 in any way I can. https://t.co/vJxlhs6TtA
— Shahid Afridi (@SAfridiOfficial) January 13, 2023
اڳوڻي ڪپتان ڪيويز بيٽر گلين فِلپس جي شاندار بيٽنگ جي ساراهه ڪئي ۽ قومي ڪرڪيٽر فخر زمان ۽ محمد رضوان جي سڍي بيٽنگ تي خوشي جو اظهار ڪيو.
هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ شاهد آفريدي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي سيريز لاءِ مون کي چيف سليڪٽر جون ذميواريون ڏيڻ تي پي سي بي جو ٿورائتو آهيان.
هن چيو ته اميد آهي ته پنهنجن دليراڻن فيصلن سبب مداحن جي اميدن تي پورو لٿو هوندس، مسدائين ڪنهن به مدد لاءِ حاضر رهندس.