چين ۾ هڪ مهيني دوران ڪورونا وگهي سٺ هزار مريض فوت

بيجنگ ( ويب ڊيسڪ ) چين جي سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ هڪ مهيني دوران سٺ هزار ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا آهن.

چين جي بيورو آف ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سربراهه جياويا هوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته چين ۾ ڪورونا ۾ مبتلا ماڻهن جي اسپتال ۾ داخلا جو انگ گهٽجي ويو  آهي.

هن چيو ته چين ۾ڪورونا سبب سخت بيمار ماڻهن ۾ اڪثريت بزرگن جي آهي، ملڪ ۾ اٺ ڊسمبر 2022ع کان ٻارنهن جنوري 2023ع دوران ڪورونا وگهي 59 هزار نوَ سئو اٺٽيهه فوتگيون ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.