ڪراچي پوليس مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي پوليس شهر ۾ سڀاڻي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو.

پوليس ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن ڪراچي پوليس جا 43 هزار 605 کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي فرض انجام ڏيندا.

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته اوڀر زون ۾ سترنهن هزار پنج سئو اٺاسي آفيسرن۽ اهلڪار مقرر ڪيا آهن، جن مان ضلعي اوڀر ۾ ڇهه هزار پنج سئو ٽيٽيهه اهلڪار، ملير ۾ چار هزار اٺ سئو ستٽيهه ۽ ڪورنگي ۾ ڇهه هزار ٻه سئو ارڙهن اهلڪار مقرر هوندا.

ڏکڻ زون يارنهن هزار ڇهه سئو ستاويهه آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ ضلعي ڏکڻ ۾ 2 هزار هڪ سئو 55، ضلعي سينٽر ۾  چار هزار 5 سئو 58 ۽ ڪياماڙي ۾ چار هزار نوَ سئو 14 اهلڪار شامل آهن.

ويسٽ زون ۾ 14 هزار ٽي سئو 90 آفيسرن ۽ اهڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ سينٽرل ضلعي ۾  نوَ هزار 6 سئو 72، اولهه ضلعي ۾ چار هزار 7 سئو 18 اهلڪار شامل آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته چونڊن دوران ڪراچي ۾ چار هزار نوَ سئو ستانوي پولنگ اسٽيشنز تي ڇويهه هزار 50 پوليس اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي سرانجام ڏيندا.

پوليس ترجمان موجب ڪراچي ۾ رينجرز جا پنج سئو اهلڪار ۽ ايف سي جا ٻه سئو اهلڪار پڻ اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا، ڪراچي پوليس عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.