ڀارتي ڪرڪيٽر مسلسل نظرانداز ڪرڻ بعد مستقبل بابت اهم فيصلو ڪري ورتو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽر مرلي وجي پنهنجي مستقبل جي فيصلي بابت آگاهه ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو .

پرڏيهي ميڊيا موجب مرلي وجي چيو آهي ته منهنجي عمر ڪرڪيٽ ۾ موقعوحاصل ڪرڻ لاءِ رنڊڪ بڻجي رهي آهي.

هن چيو ته منهنجو سفر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ سان گهڻي ڀاڱي مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي پرڏيهه ۾ قسمت آزمائڻ چاهيان ٿو.

هن چيو ته اسان کي ٽيهن سالن جي عمر ۾ اسي سال جو سمجهيو ويندو آهي ۽ مان ڪنهن تڪرار جو شڪار بڻجڻ نٿو چاهيان.

مرلي وجي چيو ته ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن مون کي وريندر سهواگ جيان حمايت حاصل هجي ها ته حالتون مختلف هجن ها.

ياد رهي ڀارتي ڪرڪيٽر  مرلي وجي 61 ٽيسٽ، سترنهن ون ڊي ۽ نوَ ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ مُلڪ جي نمائندگي ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.