ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نعيم آرڊيننس آڻڻ جي صورت ۾ عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم چيو ته رد ٿيل پارٽي جي فرمائشن تي وزيراعظم ۽ آصف زرداري سرگرم آهن ۽ هاڻي مڪاني چونڊون روڪرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن اوهان آرڊيننس آندو ته اسان ان جو به عدالت ۾ مقابلو ڪنداسين، عوام سازشين کي چونڊن کان ڀڄڻ نه ڏيندو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ٻڌي وٺي، کيس چونڊون ڪرائڻيون پونديون.