وزيراعظم خلاف وڏو قدم کڻڻ جو فيصلو، پي ٽي آءِ کي ايم ڪيو ايم مان آسرو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو جنهن جي عمران خان منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پاڪستان تحريڪ انصاف وزيراعظم شهباز شريف خلاف بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن جي پارٽي چيئرمين کان منظوري گهربل هئي، اڄ عمران خان ان فيصلي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

پارٽي ذريعن تصديق ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم خلاف اعتماد جي ووٽ جي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي،  صدر عارف علوي جلد وزيراعظم کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ چوندو.

ذريعن موجب پي ٽي آءِ اِهو فيصلو ايم ڪيو ايم جي خدشن کي ڏسندي ڪيو آهي، پي ٽي آءِ پراميد آهي ته ايم ڪيو ايم وزيراعظم کي ووٽ نه ڏيندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.