پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جو نوٽيفڪيشن اڄ جاري ٿيڻ جو امڪان

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي گرونر بليغ الرحمان طرفان صوبائي اسيمبلي ٽورڻ جو نوٽيفڪيشن اڄ شام جاري ٿين جو امڪان آهي.

ذريعن موجب نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تي موجودا وڏو وزير ئي نگران جي اچڻ تائين ڪم جاري رکندو.

ٻئي پاسي ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته گورنر پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي اڃا تائين صحيح ناهي ڪئي جڏهن ته وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جو چوڻ آهي ته گورنر پنجاب صحيح ڪري يا نه ڪري پنجاب اسيمبلي ٽٽي چڪي آهي.

ياد رهي ته ٽي ڏينهن اڳ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري گورنر ڏانهن اُماڻي هئي ۽ آئين تحت گورنر پنجاب کي 48 ڪلاڪن اندر سمري تي صحيح ڪرڻي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.