عمران خان تي قاتلاڻو حملو، ن ليگ عهديدار سميت وڌيڪ ٽي ڄڻا ڪيس ۾ جوابدار نامزد

گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) وزيرآباد ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ ڪرڻ واري جي آءِ ٽي وڌيڪ ٽن ڄڻن کي ڪيس ۾ باظابطا جوابدار نامزد ڪري ڇڏيو.

جي آءِ ٽي طرفان ڪيس ۾ نامزد ٽئي ڄڻا پهريان کان جي آءِ ٽي جي تحويل ۾ هئا، جوابدارن ۾ ن ليگ جو ضلعي اطلاعات سيڪريٽري مدثر نذر، سندس ڀاءَ احسن علي ۽ ٽيون جوابدار طيب بٽ به وزيرآباد جو رهائشي آهي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج جي موڪل هئڻ سبب جوابدارن کي سيشن عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ٽنهي جوابدارن کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سجاد علي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

جاچ آفيسر موبائيل فون  برآمدگي لاءِ  جوابدارن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، عدالت جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي جي آءِ ٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.

جوابدارن کي سترنهن جنوري تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، مرڪزي جوابدار نويد بشير سان گڏ هڪ جوابدار وقاص اڳ ئي گرفتار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.