فردوس شميم نقوي کي تاريخ جي خبر ئي ناهي، ڪراچي سنڌ جو تخت گاھ  آهي: صنعان قريشي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جسقم مرڪزي انفارمیشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،امجد خان مهيسر ،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ ،مومن سمون ،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو مرڪزي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي سنڌين جو تخت گاھ آهي، پي ٽي آئي اڳواڻ فردوس شميم نقوي کي تاريخ جي خبر ئي ناهي هوا ۾ لٺيون هڻي رهيو آهي.

هنن چيو ته ڪراچي خلاف اُهئي ڳالهائي رھيا آھن جن کي سنڌ  پناھ ڏني، سنڌ کارايو، اڄ انهن مان ئي نمڪ حرامي ڪري رهيا آهن، جيڪي انتشار ۽ عناصر ڪراچي جو امن تباھ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، اُهئي وري پيپلزپارٽي جا اتحادي آهن، پيپلزپارٽي هنن جون سنڌ جي وحدانيت خلاف مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اڳواڻن چيو ته اهو واضح ٿا ڪيون ته هي 1988 جو دور ناهي جو دهشتگردي ۽ بليڪ ميلنگ جي سياست جون ڳالهيون ڪيون پيو وڃن! تنهن ڪري پيپلزپارٽي جي حڪمرانن کي ڪنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وحدانيت خلاف ساٿ نه ڏيڻ گهرجي ۽ اُردو ڳالهائيندڙن کي به سنڌ جي وحدانيت، ڪراچي جي امن امان خلاف ڳالهيون ڪندڙ سنڌ دشمنن اڳواڻن جو ساٿ نه ڏيڻ گهرجي.

هنن چيو ته سنڌ خلاف زهر اوڳاڇيندڙن کي تاريخ پنهنجي زمين تان ڌڪاري سنڌ جي ڌرتي نصيب ڪئي آهي، تنهن ڪري هنن کي سنڌ جي وحدانيت خلاف ٿيندڙ سازشن تي خاموش نه وڃڻ گهرجي سنڌين سان گڏي بيهڻ گهرجي، جڏهن ته مرڪزي بيان ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته اڄ سنڌ ۾ اٽي جي بحران ۽ ڊجيٽل آدمشماري مان سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.