سنڌ سرڪار جي درخواست ٻيهر رد، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون سڀاڻي ئي ٿينديون

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊون سڀاڻي ئي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اجلاس ڪميشن جو اهم مشاورتي اجلاس ختم ٿي ويو آهي جنهن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ سڀاڻي ئي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد ۾اليڪشن ڪميشن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو.

اجلاس ۾ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن عمر حميد پڻ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڪراچيءَ مان صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو.

اجلاس جي جاري ڪيل پڌرائي موجب ڪراچي، ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت سنڌ سرڪار جي خط جو جائزو ورتو ويو.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت پرامن مڪاني چونڊن چونڊن لاءِ فول پروف انتظام ڪري.

ٻئي پاسي صوبائي اليڪشن ڪميشن جي ترجمان اعجاز انور به ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون سڀاڻي ئي ٿينديون، الڪيشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري نڀائڻ لاءِ تيار آهي، اسان اليڪشن ڪميشن جي حڪمن جا پابند آهيون، سنڌ سرڪار به آئيني طور پابند آهي ۽ تنهنڪري چونڊن جي حوالي سان جيڪي به ذميواريون آهن اُهي ادا ڪيون وڃن.

الڪيشن ڪميشن جو سڀاڻي ئي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو، سنڌ سرڪار جو ردعل اچي ويو

سنڌ جي سڌ سماءُ واري شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان انڪار ناهي ڪيو،  جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ضد ڏيون بيٺي آهي ته مڪاني چونڊون هر حال ۾ 15 جنوري تي ئي ڪرائڻيون آهن ته سنڌ سرڪار اليڪشن ڪرائيندي.

 

اليڪشن ڪميشن طرفان سنڌ حڪومت جي مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري درخواست رد ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته ان ۾ ڪجهه ٽيڪنيڪي شيون آهن جن کي سمجهڻ جي ضرروت آهي.

 

هن چيو ته الڪيشن ڪميشن صوبائي سرڪار کي سيڪيورٽي لاءِ چيو ته اسان گهرو وزارت ڏانهن لکيل پهرين خط جي متن ۾ ڄاڻايو ته سيڪيورٽي لاءِ فوج گهربل آهي پر گهرو وزارت اسان جي درخواست تي سيڪيورٽي ڏيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي.

صوبائي وزير چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي ٻيو خط لکيو جنهن ۾ چيو ته دهشتگرد تنظيمن طرفان سياسي پارٽين کي ٿريٽ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن ۽ امن امان جو به مسئلو آهي.

هن چيوته پي ٽي آءِ کانسواءِ سمورين سياسي پارٽين کي ٽي ٽي پي جا  ٿريٽ الرٽ جاري ٿيا.

شرجيل ميمڻ چيو ته اسان لاءِ سڀ کان وڌيڪ انساني زندگي اهم آهي، اليڪشن ڪيمشن اسان جي ٻئي خط جي جواب ۾ ڇا لکيو آهي اِهو ڏسي پوءِ جواب ڏيندس.

هن چيو اسان اليڪشن ڪميشن جي فيصلن جا پابند آهيون، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن چوي ٿي ته ڪنهن به قسم جي صورتحال ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻيون آهن ته اسان ڪرائينداسين.

صوبائي وزير چيو ته پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن لاءِ سدائين تيار هئي، اليڪشن ڪميشن جي لکت ۾ موقف اچڻ کانپوءِ  پنهنجو ردعمل ڏينداسين.

آرڊيننس جاري ڪرڻ بابت سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته جيستائين مون قانون پڙهيو آهي، ان موجب آرڊيننس جاري ڪرڻ لاءِ به هڪ طريقيڪار هوندو آهي، ڪو منطق هوندو آهي، ائين ناهي ته صدر يا گورنر وٽ اختيار آهي ته آرڊيننس جاري ڪري ٿي ويندو.

ايم ڪيو ايم جي خدشن جي حوالي سان سڌ سماءُ واري وزير چيو ته ايم ڪيو ايم جا جيڪي خدشا هئا پ پ ان تي عمل ڪيو ته آهي، اسان ڪيو ايم کي تڪبندين بابت خدشا هئا ۽ سنڌ سرڪار ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن کي خط لکي چڪي آهي، اسان ڪنهن سان به ڪا غلط بياني ناهي ڪئي، ايم ڪيو ايم جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ اسان جيڪو ڪري سگهياسين اُهو ڪيو آهي.

ڪراچي پوليس مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي پوليس شهر ۾ سڀاڻي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي پلان جاري ڪري ڇڏيو.

پوليس ترجمان موجب اليڪشن ڪميشن ڪراچي پوليس جا 43 هزار 605 کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي فرض انجام ڏيندا.

پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته اوڀر زون ۾ سترنهن هزار پنج سئو اٺاسي آفيسرن۽ اهلڪار مقرر ڪيا آهن، جن مان ضلعي اوڀر ۾ ڇهه هزار پنج سئو ٽيٽيهه اهلڪار، ملير ۾ چار هزار اٺ سئو ستٽيهه ۽ ڪورنگي ۾ ڇهه هزار ٻه سئو ارڙهن اهلڪار مقرر هوندا.

فوٹو: فائل

ڏکڻ زون يارنهن هزار ڇهه سئو ستاويهه آفيسر ۽ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ ضلعي ڏکڻ ۾ 2 هزار هڪ سئو 55، ضلعي سينٽر ۾  چار هزار 5 سئو 58 ۽ ڪياماڙي ۾ چار هزار نوَ سئو 14 اهلڪار شامل آهن.

ويسٽ زون ۾ 14 هزار ٽي سئو 90 آفيسرن ۽ اهڪار مقرر ڪيا ويا آهن، جن ۾ سينٽرل ضلعي ۾  نوَ هزار 6 سئو 72، اولهه ضلعي ۾ چار هزار 7 سئو 18 اهلڪار شامل آهن.

ترجمان جو چوڻ آهي ته چونڊن دوران ڪراچي ۾ چار هزار نوَ سئو ستانوي پولنگ اسٽيشنز تي ڇويهه هزار 50 پوليس اهلڪار اليڪشن ڊيوٽي سرانجام ڏيندا.

پوليس ترجمان موجب ڪراچي ۾ رينجرز جا پنج سئو اهلڪار ۽ ايف سي جا ٻه سئو اهلڪار پڻ اليڪشن ڊيوٽي تي مقرر هوندا، ڪراچي پوليس عوام جي جان ۽ مال کي محفوظ بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.