سياست ۾ تماشو بڻجي ويل مڪاني چونڊ

سنڌ ۾مڪاني ادارن جي چونڊن وارو معاملو وري ھڪ نئين صورتحال ۾ داخل ٿي ويو آھي،ھن کان اڳ ٽي ڀيرا مختلف سببن جي ڪري ملتوي ٿيل انھن چونڊن ڪرائڻ جي لاءِ 15 جنوري جي تاريخ مس مس مقرر ٿي ھئي، پر ان ۾ ان وقت  دلچسپ صورتحال پيدا ٿي، جڏھن ايم ڪيو ايم ان تي نھ رڳو اعتراض واريو پر ان بابت ڪراچي شھر ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪرڻ بعد سڌو اعلان ڪيو تھ ھو چونڊون ٿيڻ ئي نھ ڏيندا، ان پس منظر ۾ خميس تي شام جو دير سان سنڌ سرڪار جو اھم اجلاس ٿيو،جنھن ۾  ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۽ حيدرآباد ۽ دادو ضلعن، ۾ اھي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو  ۽ سنڌ سرڪار اھڙي درخواست اليڪشن ڪميشن کي پڻ ڪئي پر اليڪشن ڪميشن اھا درخواست رد ڪري ڇڏي آھي.

اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ ۾ ملتوي ٿيل مڪاني ادارن جي ٻئي مرحلي واريون چونڊون 15 جنوري تي ئي ڪرايون وينديون،ان بعد صورتحال ھن نئين مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آھي، بظاھر ڪھڙن بھ سببن جي ڪري سنڌ سرڪار ان اليڪشن کي ملتوي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ھو پر ان جو اصل سبب ايم ڪيو ايم جو اھو خوف آھي،جنھن جي ڪجھھ وقت کان مقبوليت گھڻي گھٽجي وئي ھئي.

ان سموري صورتحال دوران ڪراچي جي سياست ۾ ھڪ اھم تبديلي اھا ٿي ھئي جو مختلف ڌڙن ۾ ورھائجي ويل ايم ڪيو ايم ھڪ ڀيرو وري نھ رڳو متحد ٿي پر ان جي ٻولي ۽ لھجو پڻ بدليل ھو،ھونئن تھ سموري سنڌ ۾ مڪاني ادارا گھڻو ڪري ھيمشھ وقت جي حڪومت پنھنجي ھٿ ۾ رکيا آھن پر ڪراچي ۽  حيدر آباد جي مڪاني ادارن جي واڳ وڌيڪ اھميت رکندي آھي،جنھن جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي ھر ممڪن ڪوشش ھوندي آھي تھ انھن تان ھٿ نھ کڻي.ھاڻوڪو بکيڙو بھ اصل ۾ تھ اھو ئي معاملو آھي پوءِ ان کي سببن جون ڪھڙيون به ٿوڻيون ۽ ٿنڀا ڏنا وڃن.

ھر آمر مڪاني حڪومتن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو آھي،جنھن جا سياسي سبب رھيا آھن، آمر جون سماج جي اندر پاڙيون نھ ھونديون آھن، جنھن ڪري ڪوشش ھوندي آھي تھ پنھنجي لاءِ ھمدرد ۽ حمايتي پيدا ڪري،  جن معرفت حڪمراني ڪري سگھي.ڊڪٽيٽر ايوب جي بنيادي جمھوريت جو نظام، جنرل ضياءُ الحق جو  مڪاني ادارن واري سرشتي تي ڌيان ، آمر مشرف جو لسانيت کي سگھارو ڪرڻ  ان جا مثال آھن.

جيڪي بھ سياسي ڌريون جمھوريت جي دعويٰ ڪن ٿيون، سي اھوبھ چون ٿيون تھ اھي اختيار ھيٺئين سطح تي منتقل ڪرڻ جي لاءِتيار آھن،جڏھن سندن اھڙين دعوائن کي عمل جي ميدان ۾ جاچبوآھي تھ ڳالھھ ان جي بنھھ ابتڙ وڃي بيھندي آھي.

نئين پروجيڪٽ موجب ايم ڪيو ايم جي ڌڙن کي گڏ ڪيو ويو آھي، ان جي ڪوشش آھي ته مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ دير ٿئي.ڇاڪاڻ جو ان جو  ووٽ خاصو خراب ٿي ويو آھي،جيڪو  جماعت اسلامي،پاڪستان تحريڪ انصاف،پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ ورھاجي ويو آھي پر ان کي گھڻو نقصان پاڪستان تحريڪ انصاف ڏنو آھي، جنھن ڪري اھا پنھنجي حڪومت جوڙي ووٽرن سان نئين رابطي ۽ پنھنجي اڳوڻي طريقي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي،جنھن لاءِ ئي اھو وقت گھربل آھي.

سنڌ ۾ غير معمولي برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزنز ۾ مڪاني چونڊون ھن کان اڳ  3 ڀيرا ملتوي ڪيون ويون آھن نھ رڳو ايترو پر ان مسئلي تي قانوني ويڙھ بھ ٿيندي رھي آھي،خاص ڪري جماعت اسلامي  چونڊن واري اشو تي گھڻي سرگرم نظر ايندي رھي آھي،جنھن ۾ اھم معاملو ڪراچي جو رھيو آھي،تازو پيپلزپارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري پڻ ھڪ اھم پريس ڪانفرنس ۾ اھو اعلان ڪيو ھو تھ 15 جنوري تي ٿيندڙ چونڊن ۾  ھن ڀيري ڪراچي ۾ جيالو ميئر چونڊجي ايندو. ڪراچي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن ۾  دلچسپ صورتحال بڻجي رھي آھي. جماعت اسلامي،پاڪستان تحريڪ انصاف،پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو ٽڪر آھي،جنھن ڪري ھر ڪو ڪاميابي جي لاءِ ننھن چوٽي جو زور لڳائيندو.

جيڪڏھن ڏسجي تھ تاريخي طور تي ھن شھر ۾ مذھبي ڌرين جو اثر رھيو آھي، جنھن ۾ جماعت اسلامي ۽ مولانا شاھ احمد نوراني جي، جي يو آءِ اھم رھيون آھن، اھي بھ اسٽيبلشمينٽ جي طرف لاڙو رکندڙ ھيون تھ وري نئين صورتحال ضياءُالحق جي مارشل لا بعد جنم ورتو، جڏھن اسٽيبلشمنيٽ پنھنجا گھوڙا بدلايا ھئا، جنھن بعد اھو نيڪ فرض ايم ڪيو ايم حوالي ڪيو ويو ھو،جنھن بھ خوش اسلوبي سان اھو نڀايو،جمھوريت جي داعي ۽ مڊل ڪلاس جي نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ھن جماعت سموري شھر کي ٽن ڏھاڪن تائين بي وس رکيو ھو،ھن وقت ايم ڪيو ايم اڃان ان نشي جي خمار ۾ آھي. جنھن ڪري ئي ھن ڀيري جڏھن مختلف ڌڙن جو انضمام ڪرايو ويو آھي،تڏھن ھڪ ڀيرو وري اھي ساڳي ڪوشش ڪري رھيا آھن پر ان وچ ۾ گھڻو ڪجھھ بدلجي ويو آھي.

ووٽر ڪنھن کي ووٽ ڪري ٿو، ھن وقت اھو سندس حق آھي پر گذريل عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ نھ رڳو ھر تڪ تي ايم ڪيو ايم جي ووٽن کي ڪٽيو پر قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ سيٽون بھ وڌيڪ حاصل ڪيون ھيون. سياست ھن وقت اھڙي موڙ تي اچي ويئي آھي جو ان بابت ڪا بھ حتمي ڳالھھ ڪرڻ ممڪن نھ رھيو آھي، گيم جو ڪو اصول ھجي تھ ان کي سمجھڻ ۾ آساني ٿيندي آھي پر جيڪڏھن ھر شعبو اصولن کان آجو ھجي تھ پوءِ ڪجھھ بھ ٿي سگھڻ جو امڪان موجود ھوندو آھي.

ڪراچي ۾ اصل چونڊن جو ھن ڀيري مقابلي ٿيڻ جو امڪان آھي، جنھن ۾ ايم ڪيو ايم ،  جماعت اسلامي ، پي ٽي آءِ ۽ پيپلزپارٽي ميدان ۾ھونديون پر لڳي تھ ائين پيو ڄڻ سياست جي ڌماچوڪڙي ۾ مڪاني ادارن جي چونڊ ھڪ تماشو بڻجي وئي آھي.ھاڻي ھڪڙو ئي طريقو وڃي بچيو آھي تھ پارليامينٽ ۽ آئين کي پاسيرو ڪري ڪو ٻيو رستو ورتو وڃي،جنھن جو فائدو گھٽ ۽ نقصان وڌيڪ ٿيندو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.