پرهه سومرو جي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي آجيان ڪجي ٿي

زرار پيرزادو

¨ رسول بخش پليجو صاحب اڄ زنده هجي ها ته پنهنجي سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪن پرهه سومرو جي، مڪاني چونڊن کان پارلياماني نظام ۾ حصو وٺڻ جي شروعات تي ڪيڏو نه سرخرو هجي هان.

¨ پليجي صاحب ڏانهن هونئن به  سنڌ جي سياسي پارٽين ۾ ”عورتن“يعني سنڌ جي آبادي جي ٻئي حصي کي وڏي انگ ۾ شامل ڪرڻ جو سهرو ويندو آهي، پرھ سومرو به عورتن جي ان سٿ جو فخر لائق تسلسل آهي.

¨ پرھ سومرو جنرل ڪائونسل جي عهدي تي يو سي گهگهر 2 حاجي جنگ مان وارڊ نمبر 3 تي مڪاني چونڊ وڙهي رهي آهي جيڪا سڀاڻي آچر تي 15 جنوري تي ٿي رهي آهي.

¨ اها ان علائقي جي خوشبختي آهي جو انکي پرھ سومرو جهڙي گهڻ صلاحيتي، بهادر، نظرياتي ۽ آدرشي، سياسي اڳواڻ ۽ خدمت گار ملي رهي آهي جيڪا عام سياستدانن وانگر رڳو چونڊن جي موقعي تي عوام وٽ ناهي وئي پر هوءَ هر وقت انهن سان گڏ سندس علائقي ۾ هوندي آهي.

¨ پرھ سومرو جي چونڊ ۾ حصو وٺڻ سان خاص ڪري ان علائقي جي عورتن کي وڏو اتساهه مليو آهي. آبادي ۾ ان علائقي اندر عورتن جو به اوترو ئي انگ آهي جيترو مردن جو آهي پر عورتن جي مسئلن جو عام طور تي ڪو سڌوسنئون ذمو ناهي کڻندو پر پرھ جي چونڊن ۾ بيهڻ سان علائقي جي عورتن اندر به پنهنجي نمائندگي ۽ مالڪيءَ جي وڏي اميد جاڳي آهي.

¨ پرھ سومرو جي، سنڌ دوست اميدوار طور به چونڊ ۾ بيهڻ جي آجيان ڪجي ٿي جو سنڌ دوست ڌرين جو چونڊن ۾ حصو وٺڻ وقت جي اهم ترين تقاضا بڻجي وئي آهي. خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن سنڌ دشمن ڌريون ”سنڌ دشمني“ جي هڪ نقطي تي پنهنجا اختلاف وساري گڏ ٿي رهيون آهن.

¨ تنهن ڪري سنڌ دوست ڌرين کي به چونڊن جي ميدان کي خالي نه رکڻ گهرجي ۽ ان پسمنظر ۾ اسان عوامي تحريڪ جي اميدوار پرھ سومرو جو چونڊن ۾ بيهڻ کي وقتائتي اڳڀرائي سمجهون ٿا.

¨ سنڌ دوست ڌرين لاءِ بظاهر موجوده حڪومتي ۽ اليڪشني سسٽم نوگو ايريا بڻيل آهي پر ان سازش ۽ رنڊڪ جو بهرحال مقابلو ته ڪرڻو ئي آهي ۽ پرھ سومرو جي چوندن ۾ حصو وٺڻ جي هيءَ ڪوشش ان ڏس ۾ انتهائي اهم  شروعات آهي.

¨ ايئن سڀني سنڌ دوست ڌرين کي هاڻي چونڊن جي نظام ۾ حصو وٺڻ گهرجي ۽ باربار حصو وٺن گهرجي. ان ڪوشش  ۽ لاڳيتي عوامي دٻاءُ سان ئي سنڌين کي پنهنجا حق ملي سگهندا.

¨ ان ڳالهه جو احساس پرھ سومرو کي چڱيءَ ريت آهي ڇاڪاڻ جو هيءَ رڳو نظرياتي سياسي ورڪر ئي نه پر ليکڪا، ڪالم نگار ۽ ڪمپيئر به آهي تنهن ڪري عام سياسي ذهن کان وڌيڪ هوءَ ان ڳالهه کي سمجهڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

¨ پرھ سومرو جي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ سان اهو به فائدو رسندو ته سياسي عورتن جي ووٽن ۾ حصو وٺڻ جو يقيني ۽ سازگار ماحول جڙندو ۽ سنڌ جي سياسي عورتن خاص ڪري سنڌياڻي تحريڪ کي پرھ سومرو جي ڪاميابي لاءِ رول ماڊل بڻجي اڳتي اچڻو پوندو.

¨  سنڌي عوام کي به رڳو چونڊن وقت سندن ڏانهن ايندڙ ۽ انهن ڏينهن ۾ تڪڙن ترقياتي ڪم ڪرائيندڙ اميدوارن ڏانهن متوجهه ٿيڻ بدران نئين قيادت ۽ سنڌ دوست ڌرين کي آزمائڻ گهرجي جيڪي کٽڻ يا هارائڻ جي صورت ۾ عوام  جا ئي هوندا آهن ۽ ان وٽ ئي رهندا آهن.

¨ ٻيو ته سنڌي عوام کي اهو به موقعو آهي ته اهي سنڌي عورتن کي سياسي اڳواڻن طور اڳتي ڪن ۽ ايئن سنڌي عورتن کي به سنڌي عوام جا حق ڏيارڻ جو موقعو ملڻ گهرجي.

¨ سنڌ دوست ڌريون جيڪڏهن چوندن ۾ لڳاتار حصو وٺنديون ته ان سان ووٽن وٺن واري ڪلچر کان به واقف ٿينديون ۽ قيمتي تجربو حاصل ڪنديون جنهن جو اڳتي هلي لازمي طور فائدو ٿيندو.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ اندر تبديلي جون ڳالهيون ته سڄو سال پيون ڪبيون آهن پر هاڻي جڏهن تبديلي آڻڻ جو موقعو مليو آهي ته هيءٌ وقت آهي ته سڀ سنڌ دوست ڌريون متحد ٿي پرھ سومرو کي ڪامياب ڪري تبديلي آڻڻ جي عملي طور شروعات ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.