جوهي مان گم ڪيل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

جوهي (ن ع آ) جوهي شھر جي واهي پانڌي اسٽاپ تان ٻه ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل مبين مستوئي جي بازيابي لاءِ سندس پير سن امڙ شبيران، ڀاءُ دلبر مستوئي معصوم نياڻيون ساڻ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪري نيشنل پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي گم ڪيل مبين مستوئي جي ڀاءُ  ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته هنن جو هڪ ڌر سان 23 سالن کن تڪرار هلندڙ آھي، ڪجهه وقت اڳ مخالفن منهنجي چاچي گلاب مستوئي کي بيگناهه قتل ڪيو بعد ۾ منهنجي سئوٽ مير مستوئي کي قتل ڪيو مخالف جوابدار حسين ۽ شادي خان راڄوڻي ڪرائڻ ۽ ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڌمڪائي رهيا آھن ته جيڪڏهن ڪيس تان هٿ نه کڻندين ته تنهنجي  ڀاءُ مبين کي به قتل ڪنداسين.گم ڪيل نوجوان جي  امڙ جو چوڻ هو ته بااثر ڌر پوليس سان ٻٽ بڻجي هن جي پٽ مبين کي بناجواز گرفتار ڪري پرائيويٽ گاڏي ۾ وجهي گم ڪري ڇڏيو آھي. ھنن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل مبين مستوئي کي ظاهر ڪري آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ مجبورن ايس ايس پي دادو آفيس اڳيان  معصوم ٻارن سميت اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏينداسين، جنهن  جي ذميواري ايس ايس پي دادو تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.