اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 فلسطيني شهيد

والاريل بيت المقدس (م ڊ) اولهه ڪناري اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 3 فلسطيني شهيد ٿي ويا. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي فوج جي فلسطينين تي فائرنگ کانپوءِ اولهه ڪناري ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي. اختيارين موجب اسرائيلي فوج قلنديا ۽ جنين جي پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ فلسطينين کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي شهادتون ٿيون. فلسطين جي صحت واري وزارت موجب هلندڙ سال اسرائيلي فوج هٿان 8 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.

لاهور ۾ صحافي شاهد اسلم ايف آءِ اي هٿان گرفتار

لاهور( م ڊ) لاهور ۾ صحافي شاهد اسلم کي ايف آءِ اي گرفتار ڪيو  آهي. صحافي شاهد اسلم تي الزام آهي ته هن اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي خاندان جو ٽئڪس رڪارڊ جي معلومات حاصل ڪرڻ ۾ صحافي احمد نوراني جي مدد ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.