ٽنڊي مستي ۾ پسند پرڻي بعد ڀاءُ سان ملڻ آيل ڳورهاري ناري گوليون هڻي قتل

ڪولاب جيئل (رپورٽ:عبدالقدير چانڊيو) ٽنڊي مستي ۾ پسند جي پرڻي بعد ڀاءُ سان ملڻ آيل ڳورهاري ناري کي سئوٽن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.ٻڌايو وڃي ٿو  ته ڪجهھ مھينا اڳ 25 سالن جي زاھدا مري منصور لولائي سان شادي ڪئي ھئي، شادي ۾ ناريءَ جا ڀائر راضي هئا جڏهن ته سندس سوٽ ناراض ھئا.ذريعن موجب ناري پنهنجي ڀاءُ رفيق مري جي گھر آيل ھئي، جتي سئوٽن منظور مري ۽ مصري مري کيس گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. ناري جو لاش ضروري ڪاروائيءَ بعد وارثن حوالي  ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.