آمراڻي سوچ رکندڙ اسيمبليون ٽوڙي رهيا آهن: راڻا ثناءُ الله

لاهور (م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته اڳ ۾ اسيمبليون مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٽوڙيندا هئا، هڪ بدبخت سياسي ليڊر ملڪ جي ڏيوالي جي ڪڍ لڳو آهي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي محنت ۽ ڪوششن سان ملڪ معاشي بحراني ڪيفيت مان نڪري ايندو. هن چيو ته اسان پنهنجي ڀرپور ڪوشش ڪئي ته اسيمبلي نه ٽٽي، وقت کان اڳ اسيمبليون ٽوڙڻ غير جمهوري ۽ غير آئيني ڪم آهي، اڳ ۾ اسيمبليون مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٽوڙيندا هئا، هاڻ آمريت جي سوچ رکندڙ سياسي آمر اسيمبليون ٽوڙي رهيا آهن، اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته اسان غير جمهوري عمل جو ساٿ نه ڏنو. سندس چوڻ هو ته ڪجهه معاملا آئيني ۽ قانون طور تي جائز هجڻ باوجود مناسب ناهن هوندا، چونڊون ٿيون ته اسان ڀرپور نموني تيار آهيون. راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان سائفر معاملي تي سفارتي سطح تي ملڪ کي نقصان پهچايو، ان پنهنجي انا ۽ ضد خاطر غلط بيانيي ۽ ڪوڙي ايجنڊا کي اڳتي وڌايو، هڪ بدبخت سياسي ليڊر ملڪ جي ڏيوالي جي ڪڍ لڳو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.