ڪڻڪ ۽ اٽو افغانستان اسمگل، پ پ مافيا بڻجي وئي،ايس ٽي پي سراپا احتجاج

ڪراچي/حيدراباد/سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ مهانگائي خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.ايس ٽي پي چيو آهي ته پ پ مافيا بڻجي وئي، سنڌ ۾ اٽي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري ڇڏي.ملير ۾ خير محمد مگسي، عاشق ٿهيم، شبير چانڊيو، نادر مگسي، نصرت سومرو ۽ راڻو خان زهراڻيءَ جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب آڏو ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو،هنيو.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪڻڪ جي کوٽ ناهي پر حڪمرانن جي نيتن ۾ کوٽ آهي، عوام کي ذليل ڪرڻو آهي ۽ پورهيتن کي بک مارڻو آهي اهو ئي سبب آهي جو هٿ وٺي اٽي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. مڪلي ۾ ڊي سي ٺٽو جي آفيس اڳيان ايس ٽي پي احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو.جتي جلال شاھ، ناٿو بروھي، راجو قريشي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته حڪمرانن خوشحال سنڌ جي اھڙي حالت ڪري ڇڏي آھي جو عوام قطارن ۾ بيھي اٽو وٺڻ تي مجبور آھي، ڊي سي ٺٽو 75 رپيا في ڪلو اٽي جو ليٽر جاري ڪيو آھي پر ڪٿي به سستو اٽو نه ٿو ملي.هوڏانهن ڪلوئي ۾نصرالله لنڊ، ڪامريڊ مولابخش بجير، نور محمد، شيوا رام ڪولھي ۽ محمد جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو.هنن چيو ته حڪومتي وزير ميڊيا جي سامهون ڪوڙي دعويٰ ڪري عوام کي بيوقوف ڪري رھيا آھن  ته اٽو 65 رپيا في ڪلو آھي پر ڪٿي به سرڪاري ريٽ تي اٽو نه ٿو ملي، ھن وقت 170 کان 180 رپيا في ڪلو اٽُو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.جوهي ۾ يونس سولنگي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هڻن بعد علامتي بک هڙتال ڪئي.لاڙڪاڻي ۾ احمد نواز بروهي، صادق لاشاري، طارق جتوئي، فقير ظهير سانگي، نصير ڪلهوڙو، ساگر ڪلهوڙو، بابر شاهاڻي ۽ واجد سانگي جي اڳواڻيءَ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته هڪ طرف مهانگائي سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ۽ عام ماڻهو فاقاڪشي تي مجبور آهن ته ٻئي طرف ڪڻڪ غيرقانوني طريقي سان افغانستان موڪلي اٽي جي کوٽ جي هٿرادو کوٽ ڪئي وئي آهي، جنهن ڪري اٽو وٺڻ لاءِ ماڻهو مري رهيا آهن پر نااهل پ پ سرڪار کي عام ماڻهن جي ڪا به پرواهه ناهي.ٺل ۾عبدالغفور ٻرڙو، ممتاز ٻرڙو، غلام ياسين گوپانگ، سرواڻ سنڌي، صغر لاشاري، رحيم نوناري،عبدالوهاب بنگلاڻي، محمد بخش بروهي، مير فيض سنڌي، ظفر سنڌي ۽ مبارڪ ڀٽي جي اڳواڻي ۾ڪارڪنن ايس ٽي پي هائوس کان جلوس ڪڍي پريس ڪلب پهچي ڌرڻُو هنيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.