سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر سرڪٽ بئنچ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي ڀرتي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته هارڊ ايريا پاليسي تحت 33 مارڪون کڻندڙ اميدوارن جون ڀرتيون معطل ڪيون وڃن.سنڌ هاءِ ڪورٽ لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته ٽيسٽ ۾ 40 کان گهٽ مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي ڀرتي نه ڪيو وڃي.سنڌ هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري تعليم کي هارڊ ايريا جي تفصيلن ۽ استادن جي خالي جاين سميت رپورٽ پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي