پ پ ۽ ايم ڪيو ايم کي اليڪشن مان ڀڄڻ نه ڏينداسين:پي ٽي آءِ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون روڪرائڻ خلاف پي ٽي آءِ اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاج ڪرڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبلي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جتي احتجاج رڪارڊ ڪرائي ڌرڻو هڻڻ بعد پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ رجسٽري آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي چيو ته پي ڊي ايم اليڪشن لاءِ تماشو لڳائي ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن واضع حڪم ڏنو آهي ته اليڪشن ڪرائي وڃي، ڪپتان اسان کي سيکاريو آهي ته آخري بال تائين وڙهڻو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ اميدوار اليڪشن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشنن مان نتيجا وٺي پوءِ نڪرندا،هن چيو ته جماعت اسلامي سوشل ميڊيا تي اليڪشن کٽي آهي، ايم ڪيو ايم سميت ڪنهن کي به اليڪشن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين، متحده وارا عوام سان سچا آهن ته حڪومت کان ڌار ٿين، هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪن جمهوريت کان ڀڄڻ وارا نه آهن، 15 جنوري تي کٽڻ جو جشن ملهائينداسين.ايم پي اي فردوس شميم نقوي چيو ته اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي سامهون بي وس آهي، آرڊيننس جو انتظار ڪيون پيا، عدالت وينداسين، ڇاڪاڻ ته اڳ ئي 4 ڀيرا اليڪشن ملتوي ڪئي وئي آهي،  هن چيو ته حڪومت عوام کي پريشان ڪري پئي، پر اهو واضح ٿي ويو آهي ته پي ٽي آءِ مڪاني چونڊون کٽيندي، ايم پي اي رابستان خان چيو ته ايم ڪيو ايم وارا ڪراچي جي سڌاري بدران ٻوري بند لاش ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن.اڳوڻي ايم اين اي عالمگير خان چيو ته ڪراچي کي بهتر بڻائڻ جو موقعو مليو آهي، ڪراچي کي سڌاري پوءِ ساهه کڻنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.