پي ٽي آءِ حڪومت مان جان ڇُٽي، اسان ڪامياب ٿياسين: احسن اقبال

لنڊن (م ڊ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اسان ڪامياب ٿياسين، پي ٽي آءِ جي حڪومت مان جان ڇُٽي، پنهنجي حڪومت پاڻ ڪيرائڻ تي عمران خان جي مهرباني، توهان وفاقي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ نڪتا پر پنهنجي ئي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، اسان کي ڇا جو اعتراض؟ لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي احسن اقبال چيو ته ثاقب نثار جي قيادت ۾ جيڪو سرڪس لڳو، ان جو نقصان اڄ ڀوڳي رهيا آهيون، ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال پيدا ڪرڻ پاڪستان کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ جي ايجنڊا آهي. هن چيو ته ڊالر جي بحران ۾ سٽي بازي جو به وڏو ڪردار آهي، حڪومت ڪارروائي ڪري رهي آهي، پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو ٻڙي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.