فردوس شميم ٻهراڙي مان ڪراچي ايندڙ سنڌين کي مهاجر چئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪمائڻ لاءِ ايندڙ پٺاڻ، سنڌي ۽ سرائيڪي مهاجر آهن، اسان مهاجر نه پر پاڪستاني آهيون.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران فردوس شميم نقوي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪمائڻ لاءِ ايندڙ سنڌين کي مهاجر ڪوٺيو.

ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي فردوس شميم چيو ته توهان پاڻ ۾ ڀلي اتحاد ڪيو، توهان اردو ڳالهائيندڙ آهيو توهان کان وڏا اردو ڳالهائيندڙ اسان آهيون، توهان پاڻ کي مهاجر سڏايو ٿا، اسان مهاجر نه پر پاڪستاني آهيون.

هن چيو ته مهاجر ته پٺاڻ، اندرونِ سنڌ ۽ ڏکڻ  پنجاب جا ماڻهو آهن جيڪي هتي ڪمائڻ اچن ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.