سنڌ حڪومت جو فيصلو رد، مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جو فيصلو رد ڪندي 15 جنوري تي ئي صوبي ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي معاملي تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جو 15 جنوري تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائڻ جو فيصلو رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 15 جنوري تي ئي مڪمل ڪيو ويندو.  اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ گهرو وزارت کي انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج ۽ رينجرز جي مقرري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت پنهنجي فيصلي جو حڪم نامو به جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جي پڌرائي ايس ايل جي اي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، صوبي ۾ ٻئي مرحلي تحت مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ئي ٿينديون، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪن. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ۽ اسپيشل سيڪريٽري کي ڪراچي پهچڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٺٽي ڊويزن ۾ چونڊن جي تياري مڪمل آهي، بيلٽ پيپر ڇپجي چڪا آهن، اسٽاف جي مقرري ٿي چڪي آهي، ڪميشن پولنگ لاءِ تيار آهي. اليڪشن ڪميشن موجب مڪاني قانون ۾ آهي ته شيڊيول جي اعلان کانپوءِ حدون تبديل نه ٿيون ٿي سگهن، پولنگ کان ٻه ڏينهن اڳ مقامي علائقن جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ آئين ۽ قانون جي ابتڙ آهي، سروي موجب دادو ۾ صورتحال پولنگ لاءِ سازگار آهي.  ٻي پاسي ڪراچي  ۾  ايم ڪيو ايم پاران حڪومتي اتحاد ڇڏڻ جي خدشن کانپوءِ آصف زرداري خالد مقبول صديقي سان رابطو ڪيو آهي. ذريعن موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي ڳالهايو، آصف زرداري خالد مقبول صديقي کي خاطريون ڪرايون. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر گڏ ويهي سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي آڇ ڪئي. واضح رهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي رابطا ڪميٽي پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن کان استعيفائون طلب ڪيون آهن. بهادرآباد ۾ ٿيندڙ رابطا ڪميٽي اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم وفاقي ڪابينا ۽ حڪومت کان عليحدگي سميت ٻين آپشنز تي غور ڪيو. خواجا اظهار موجب رابطا ڪميٽي جي ڪجهه ميمبرن جي راءِ آهي ته 15 جنوري تي مڪاني چونڊون   ٿيون ته حڪومت کان ڌار ٿي وينداسين. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان به ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان رابطو ڪري ڳالهين جي آڇ ڪئي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.