ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن دوران دهشتگردي جو خدشو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۽ حيدرآباد جي مڪاني چونڊن دوران دهشتگردي جو خدشو آهي، ان حوالي سان پوليس اختيارين اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن بابت چيف سيڪريٽري سنڌ سهيل راجپوت جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد سميت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اختيارين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ مڪاني چونڊن جي انتظامن تي بريفنگ ڏني وئي. پوليس اختيارين اجلاس ۾ ٻڌايو ته صوبي ۾ امن امان جا مسئلا آهن، انتظام ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر سيڪيورٽي رسڪ موجود آهي ۽ بندش پيل تنظيمن مان خطرا آهن، ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ 63 هزار پوليس اهلڪار گهربل آهن، وڏي نفري جي پولنگ اسٽيشنز تي مقرري سان شهرن ۾ امن امان جي حوالي سان خدشا آهن. هوڏانهن اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد چيو ته اليڪشن ڪميشن جو واضح فيصلو اچي چڪو آهي، هاڻ ڪو جواز ناهي ته مڪاني چونڊون رولڙي جو شڪار ٿين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.