پراڻ ۽ هاڪڙو ڍورن تي والار ختم ڪري ايل بي او ڊي کان ڌار ڪيو وڃي:جهڏو ۾ ڪانفرنس

جهڏو (رپورٽ:اسحاق ڀٽي) جهڏو جي سول سوسائٽي پراڻ ۽ هاڪڙو ڍوري تان قبضا هٽائڻ لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ڌرين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نالي واري شاعر ايوب کوسو، قاضي رحيم بخش ساند، محمد بخش ڪپري، حاجي راشد قائم خاني، اياز کوسو، جليل انڙ، شيراز بلوچ، ممتاز کوسو ۽ ٻين چيو ته جهڏو تعلقي مان گذرندڙ پاڻي جي قدرتي وهڪرن پراڻ ۽ هاڪڙو تي قبضا ڪري فطرت سان هٿ چراند ڪئي وئي، قدرتي وهڪرن تي قبضا هجڻ ڪري جهڏو تعلقو 2011، 2020 ۽ 2022 ۾ ٽي ڀيرا ٻڏي تباهه ٿيو، پراڻ ڍورو ۽ هاڪڙو ڍورو کي ايل بي او ڊي ۾ ملايو ويو، جنھن کي فوري طور ايل بي او ڊي کان ڌار ڪيو وڃي.هنن چيو ته جهڏو، ٽنڊو جان محمد ۽ ڊگهڙي شهرن مان گذرندڙ پراڻ ڍوري تي ٿيل قبضن کي فوري طور هٽايو وڃي ۽ شادي لارج ڌرڻي جي مظاهرين تي داخل ڪيل ڪوڙو ڪيس فوري طور ختم ڪيو وڃي. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته جسڪاڻي سم نالي ۽ ٽنڊو جان محمد سم نالي جي ڊزائين کي بهتر ڪيو وڃي.هنن چيو ته پراڻ ڍوري جون ٽنڊو جان محمد کان جهڏو تائين جيڪي به سوڙهيون پليون آهن، انهن کي 100 فٽ تائين ويڪرو ڪيو وڃي، جمڙائو ڪئنال سامارو روڊ وٽان قديمي نصير ڇنڊڻ تي جيڪي قبضا ڪيا ويا آهن، جنهن ڪري جهڏو شهر جون ڪيتريون ئي ڪالونيون مهينن تائين پاڻي ۾ ٻڏل هيون، نصير ڇنڊڻ تان ٿيل قبضا فوري طور هٽائي قديمي نصير ڇنڊڻ کي بحال ڪيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل گهرن ۽ فصلن جو معاوضو متاثرن کي ادا ڪيو وڃي گذريل 15 سالن ۾ پراڻ ڍورو، ايل بي او ڊي سم نالن جي مرمت لاءِ خرچ ڪيل اربين رپين جي فنڊن جي جاچ ڪرائي ايل بي او ڊي چيف ظريف کيڙو کي برطرف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.