لاڙڪاڻو۽ ميهڙ ۾مارچ، پ پ 18 هين ترميم جو قتل ڪري ڇڏيو:عوامي تحريڪ

لاڙڪاڻو/ميهڙ(ڊ ر+ن ع آ) سنڌين جون زمينون، سامونڊي پٽي، تيل، ڪوئلو، گئس ۽ اختيار وفاق حوالي ڪري ون يونٽ لاڳو ڪرڻ واري سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءَ، خورشيد شاهه جي قيادت ۾ جوڙيل نوان صوبا ڪميٽي، بدنيتي تي ٻڌل ڊجيٽل آدشماري ڪري ڌارين کي سنڌ جو شهري ڪري ڳڻڻ، اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ اگهه، پ پ جي ايم اين اي قادر مندو خيل طرفان ڊوميسائيل پاليسي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ترميمي بل آڻڻ، سنڌ ۾ ڪشميرين لاءِ خاص وزارت قائم ڪرڻ خلاف ۽ سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ لاڙڪاڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن يار محمد ڪالوني مان سجاڳي مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ ضلعي صدر علي حسن وڪو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر اعتزاز گائنچو، ايس ايس ٽي جي نويد عباس ڪلھوڙو، محمد خان چانڊيو، علي محمد وڪو، فرحان ڪلھوڙو، عبدالرحمٰن چانڊيو، بابل سومرو، رجيش گواريو، باسط سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون وفاق حوالي ڪرڻ واري قرارداد پاس ڪري وڏيرن ۽ جاگيردارن واري سنڌ اسيمبليءَ آئين ٽوڙيو آهي. هن قرارداد ذريعي 18 هين آئيني ترميم جو قتل ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي هن قراداد کي واپس وٺي ڇاڪاڻ ته سنڌ جا وسيلا سنڌ اسيمبليءَ جي وڏيرن جي جاگير نه پر سنڌي عوام جي اجتماعي ملڪيت آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ کي به هن غير آئيني قرارداد جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي 18 هين آئيني ترميم جي ڀڃڪڙي ڪري آئين ٽوڙيندڙ سنڌ اسيمبليءَ جي وڏيرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪرڻ گهرجي. هنن چيو ته نوان صوبا ڪميٽي ملڪ ٽوڙڻ جي سازش آهي. حمود الرحمٰن ڪميشن جي سفارشن تي عمل نه ٿيو جنهن ڪري ملڪ دشمن قوتن جو حوصلو وڌي ويو آهي ۽ انهن هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ٽوڙڻ جون سازشون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر غير جمهوري قوتن جي اشارن تي هلي جمهوريت جو قتل عام ڪري ملڪ ٽوڙي رهي آهي. هنن چيو ته ملڪ جي داخلا پاليسي ۾ ڪرپشن سبب ملڪ دشمن دهشتگردن کي سنڌ جا شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، حڪمرانن پنهنجو ووٽ بينڪ وڌائڻ ۽ پرڏيهي اسمگلرن جي فنڊنگ حاصل ڪرڻ لاءِ کين سنڌ ۾ رهائي سنڌين جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پ پ ايم اين اي قادر مندوخيل پرڏيهين ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ 6 مهينا رهڻ تي ڊوميسائل ۽ پي آر سي ڏيڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بل پيش ڪيو آهي. هنن چيو ته ملڪ جي آئين ۽ قانون مطابق آدم شماري 10 سال کان پوءِ يعني 2027ع ۾ ٿيڻي آهي پر ايم ڪيو ايم جي جي فرمائش تي آدمشماري کي وقت کان اڳ ۽ شناختي ڪارڊ جي شرط کان سواءِ ڪري سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. پرڏيهين کي سنڌ جو شهري ڪري ڳڻڻ واري اهڙي ڪنهن به آدمشماري کي سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو. سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي پوءِ آدمشماري ڪئي وڃي.هوڏانهن ميهڙ ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد مهيسر، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، ڪامريڊ غلام مصطفي چانڊيو، ايڊووڪيٽ ضرار چانڊيو، ايڊووڪيٽ عبدالخالق ٻگهيو، ايڊووڪيٽ شبير کوسو، ايڊووڪيٽ فياض حيدر شيخ، بخت علي ملاح، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، رستم سرگاڻي، ڪامريڊ يعقوب کوسو، برڪت ملاح، صحبت چانڊيو، امتياز ي سيال، سڌير چانڊيو ۽ هادي بخش کوهارو جي اڳواڻيءَ ۾راڌڻ اسٽاپ کان گهنٽاگهر چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ھنن چيو ته پ پ سنڌ دشمني تي لھي آئي آھي، ايم ڪيو ايم سان ملي ڪري سنڌ دشمن فيصلا پئي ڪري سنڌ ۾ الڳ صوبو ، ڌاري آبادڪاري سميت ڪو به سنڌ دشمن فيصلو قبول ناھي، سنڌ ۾ مھانگائي وڌي وئي آھي، اٽو بليڪ تي وڪرو ٿي رھيو آھي ماڻھو بک پيا مرن پر حڪمران عياشين ۾ پورا آھن. ھنن گھر ڪئي ته مھانگائي خلاف قدم کڻي نون صوبن وارو رينگٽ بند ڪري فوري طور بلدياتي چونڊون ڪرايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.