ڇاڇري لڳ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ڇاڇرو(رپورٽ يعقوب بجير ) ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ  خان محمد  رند ۾ اوچتو باهه لڳڻ سبب  غريب پورهيت امداد علي پٽ ڪرمداد جي ڪکائون گهر  الھه تلھه سميت سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو، باه سبب پورهيت جي ٻن ڪکائين چوئنرن اندر پيل کاڌي پيتي جو راشن، چوپائي مال جو چارو، کٽون بسترا، ڪپڙا، زيورات،  تازو لٿل فصل وڪڻي ان جي مليل رقم 30 هزار ڪيش ۽ ضروري ڪاغذن سميت سمورو سامان  سڙي ڪوئلو ٿي ويو ، متاثر خاندان معصوم ٻارڙن  سميت سخت سرديء ۾ کليل آسمان هيٺ ترسيل آهن هنن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.