جيڪب آباد ۾ معذورن جو اٽي جي کوٽ ۽ مهانگائي خلاف احتجاج

جيڪب آباد ( رپورٽ:  حضور بخش سومرو ) جيڪب آباد ۾معذورن پاران ملڪ اندر ھٿرادو مھنگائي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ مسلسل اضافي خلاف چيئرمين ظفر  علي پنھور،  صدر محمد ابراھيم منگي، جميل احمد ڀيو،. منير احمد بروھي ۽ آصف علي سولنگي جي اڳواڻي ۾ شھيد الله بخش سومرو پارڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اندر وڌندڙ ھٿرادو اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي غريب عوام سخت پريشاني کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھي،   اٽي جو بليڪ تي وڪرو بند ڪيو وڃي اسپيشل پرسن کي بنيادي حق ڏنا وڃن معذورن کي راشن ڪارڊ عشر زڪوات جا پئسا ڏنا وڃن، جيئن معذور پنھنجي زندگي گذاري سگھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.