ٽنڊوالھيار لڳ راڄوڻي اتحاد پ پ اميدوار جي مقابلي لاءِ تيار

ٽنڊوالھيار ( رپورٽ : حسرت لغاري ) بڪيرا شريف ويجھو کوکر ڪوٽ تي سردار حاجي خير محمد کوکر. ڊاڪٽر راحيلا مگسي. علي پلھ ۽ حاجي مير محمد کوکر جي سرپرستي ۾ پي  ايس 61 ۾ مڪاني  چونڊن ۾ پي پي سامھون بيٺل راڄوڻي اتحاد جي اميدوارن ۽ مختلف برادرين جي ماڻھن جو وڏو ميڙاڪو ٿيو جنھن ۾ اميدوارن پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مختلف برادرين جي ماڻھن ڳالھائيندي چيو ته مختلف حربن سان دٻاء وجھي ۽ لالچون ڏيئي پ پ اميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ جي ڪوششن جي ھر طرح مزاحمت ڪئي ويندي. ھنن چيو تہ ھي مڪاني چونڊون ايندڙ عام چونڊن جي ڪاميابي ۽ شڪست جو ڏاڪو ثابت ٿينديون. ڪوٺايل ميڙاڪي کان پوء راڄوڻي اتحاد. جي ڊي اي ۽ پي ٽي آئي جي اڳواڻن سردار حاجي خير محمد کوکر. ڊاڪٽر راحيلا مگسي. علي پلھ ۽ حاجي مير محمد کوکر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسين اميد ٿا ڪريون ته ڊي آر او ۽ پوليس سميت سموري انتظاميا مڪمل طرح غيرجانبدار رھندي ۽ ڪنھن بہ اميدوار جي مدد جا مخالفت ۾ اڻ ڌري رھندي. ھڪ سوال جي جواب ۾ ھنن چيو ته جيڪڏھن پي پي اميدوارن کي کٽرائڻ لاء ڪنھن بہ قسم جي مداخلت ڪئي وئي ته اھڙن من پسند نتيجن کي ھرگز قبول نه ڪنداسين. ھنن چيو تہ 15 جنوري راڄوڻي اتحاد جي اميدوارن جي ڪاميابي جو ڏينھن ثابت ٿيندو. ھن وڏي ميڙاڪي ۾ ڪيترن ئي اھڙن اميدوارن راڄوڻي اتحاد جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪيو جيڪي مڪاني چونڊن مان دستبردار ٿي چڪا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.