عثمان شاهه هڙي ۾پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاج، ڌرڻو

عثمان شاھ ھڙي (ن ع آ ) عثمان شاھ ھڙي ويجهو عمر ساند ٿاڻي جي حد واري قيصر سيھنڙو بس اسٽاپ ٽنڊوآدم ٽنڊوالھيار مين روڊ تي لالا  مرزا خان پٺاڻ ،سعيد جدگال جي اڳواڻي ۾ روڊ بند ڪري پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو .ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته عمر ساند ٿاڻي جي حد ۾ چوريون ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آھن اسان جي گھرن جي اڳيان بيٺل موٽرسائيڪل چوري ٿي رھيون آھن ڪجھ ڏينهن اڳ عمر ساند ٿاڻي جي حد واري قيصر سيھنڙو بس اسٽاپ وٽ لالا مرزا خان پٺاڻ جي گھر اڳيان بيٺل نيو سي ڊي 70 موٽرسائيڪل نامعلوم چور ڪاهي فرار ٿي ويا جنھن جو اطلاع عمر ساند ٿاڻي تي پوليس کي ڏنوسون پر اڃان تائين انھي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي ٻي طرف ٻه ڏينهن اڳ عمر ساند ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ حاجي خدا بخش بلوچ حاجي پير محمد بلوچ جي اوطاق اندر بيٺل موٽرسائيڪل چور چوري ڪري فرار ٿي ويا پر ان جو ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو آهي ان موقعي تي علائقي واسين آئي جي سنڌ پير محمد شاهه ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جو چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي انھن چورن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪري اسان جي علائقي مان بدامني ختم جو نظام ختم ڪري علائقي ۾ امن قائم ڪيو وڃي. جڏهن ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.