ڪنڊيارو ۾ جسقم ڪارڪن ۽ شهرين جو اٽي کوٽ خلاف احتجاج

ڪنڊيارو ( ن ع آ ) ڪنڊيارو ۾ جسقم ڪارڪنن ۽ شهرين پاران اٽي جي هٿرادو ڪيل کوٽ ۽ اگھن ۾ واڌ خلاف عوامي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،جسقم اڳواڻن۽ڪارڪنن نويد گھانگھرو،رفيق گهانگھرو، محمد پريل ٻڌ،منظور ۽ سمير سميت ٻين جي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هيو ته ڪنڊيارو تعلقي ۾ اٽي جي هٿرادو پيدا ڪيل بحران سبب غريب طبقو ھڪ ويلي جي ماني ڳڀي لاء پريشان ٿي آھي، انتظاميا شھر ۾ اٽي جي اگھن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ڪي به قدم نه پئي کڻي ۽ آفيسر آفيسن تائين محدود بڻيل آھن،اعلان باوجود سرڪاري اگھ تي اٽي وڪري وارا اسٽال به ناھن لڳايا ويا. ھنن مطالبو ڪيو ته اٽي جي بحران ۽ اگھن تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي سهولت ڏني وڃي، ٻئي صورت ۾ ذميوار عملدارن جي آفيسن جو گھيراء ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.