سکر ۾ڪار مان وڏي انگ ۾ شراب هٿ، 3 جوابدار گرفتار

سکر(بيورو رپورٽ) جهانگڙو پوليس جي ڪاروائي، ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ڪار مان وڏي انگ ۾ شراب جون بوتلون هٿ، ايف آئي آر داخل. ان ڏس ۾ جهانگڙو ٿاڻي جي پوليس روهڙي کان گهوٽڪي ويندڙ جي آيل آئي ڪار کي روڪي ڪار مان وڏي تعداد ۾ شراب هٿ ڪري ٽن ڄڻن خالد  چانڊيو، غلام حسين لنڊ، غلام فريد کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار ٿيلن مٿان سرڪار پاران  اي ايس آئي صلاح الدين ساوند جي فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.