جوهيءَ ۾پورهيت تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف احتجاج، عورتن سميت ڌرڻو

جوهي ( ن ع آ  ) جوهي  جي باهوٽه محله جي رهواسي عبدالوحيد باهوٽو مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مرد، عورتون، ٻار، نياڻيون روڊن تي نڪري  آيا،  مسمات حاجران ،مسمات صائمه ، پ پ اڳواڻ غلام نبي باهوٽو، ايس يو پي اڳواڻ غلام قادر لغاري ،  وارڊ 4 جي آزاد اميدوار روشن علي باهوٽو،  سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ يونس سولنگي،  جوشيلو ٿهيم ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سوين  مرد، عورتن معصوم ٻار نياڻين جوهي ناڪي تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ جام رهي، ان موقعي تي اڳواڻن الزام هنيو ته جوهي ۾ سرعام ڀان روڊ تي چرس ڀنگ آفيم ۽ شراب هلي رهي آھي ۽ جوهي شھر اندر 10 کان وڌيڪ جوا جا اڏا هلي رهيا آھن جنهن جي سرپرستي  جوهي بشير کونهارو ڪري رهيو آھي جتان هرهفتي مهيني لکين رپيا ڀتو ورتو پيو وڃي هنن چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ وارڊ 4 جي  مضبوط آزاد اميدوار روشن علي باهوٽو جي عوام ۾ مقبوليت ڏسي حڪمران ڌر جا ڀوتار جوهي ۾ ڪمداري ڪندڙ پوليس جي معرفت اميدوارن جي نوجوان رشتيدارن مٿان بلا جواز گرفتاريون ڪري مٿن منشيات جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هٿ کڻائڻ ۽ حراسان ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا آھن ھنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي دادو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بيگناه گرفتار ڪيل نوجوان عبدالوحيد باهوٽو کي آزاد ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ ڊي ايس پي جي زيادتين خلاف احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.