اقتدار ۾ ويٺل توهان جا سڄڻ ناهن، عوام کين گهر جو رستو ڏيکاري: زين شاهه

ڪوٽڙي (ن ع آ) ڪوٽڙي ۾ بلدياتي اليڪشن جون سرگرميون تيز ايس يو پي ۽ ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن جو ميونسپل ڪميٽي ٻولھاڙي  جو دورو مختلف ڪارنر گڏجاڻين سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاھ خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي بدنصيبي آهي جو اوهان جنهن کي چونڊي موڪليو ٿا اهي توهان جي نمائندي ڪرڻ بجاء آفيسرن سان گڏجي اوهان جي حقن تي ڌاڙا هڻڻ ٿا بيماني ڪن ٿا،هاڻ توهان جي وسيلن تي قبضو ڪيو پيو وڃي پ پ پ پندرنهن سالن ۾ جيڪا بيماني ڪئي ان کان سڀ واقف آهيو سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا نيلام ڪندا رهن ٿا وسيلن کي بچائڻ ۾ ايس يو پي ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي مقابلو ڪري بچاياسين اقتدار ۾ ويٺل توهان جا سڄڻ ناهن ميونسپل ڪميٽي جا مسئلا ام بہ ساڳيا آهن ڪٿي بہ اوهان شهري آبادي نہ لڳندي هٿ وٺي عوام کي مسئلن ۾ ڦاسايو ويو آهي عوام جي پيسن تي چونڊيل نمائندا بيماني ڪن ٿا انهن کي سڃاڻو پنهنجي حقن جو بدلو ووٽ ذريعي ئي وٺي سگهجي ٿو ان لاء توهان کي 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ سنڌ دوست اميدوارن کي ڪامياب ڪرايو ان کان اڳ ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻ ملڪ چنگيز خطاب ڪندي چيو تہ ڀوتاڪد نظام عوام جي حقن تي ڌاڙا هڻين آهن هاڻ وقت اچي ويو آهي تہ کائڻ پنهنجي حقن جو بدلو وٺو اڄ ٻہ شهري درجو ملڻ باوجود مسلا جيئن جو تيئن آهن نہ پيئڻ جو پاڻي نہ روڊ رستا نہ ڊرينيج جو نظام ڪروڙين روپين جون بجيٽون ڀوتارن جي بنگلن تي خرچ پيون ٿين ان ڪري هاڻ عوام کي ووٽ جو درست اشتعال ڪرڻو پوندو اسين اوهان جي ڀوتار ڪي نظام مان جان آجي ڪرائينداسين اليڪشن ورڪ دوران ايڊوڪيٽ مير مڱريو خدابخش خاصخيلي، عاش ٻگهيو خالد لاشاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

  •  ڪڪڙ۾پي ٽي آءِ کي جهٽڪو، چيئرمين جو اميدوار هٿ کڻي ويو

ڪڪڙ (ن ع آ) يونين ڪائونسل ڪڪڙ ۾ تحريڪ انصاف پارٽي کي سياسي جھٽڪو ٿي ويو آھي نامزد ٿيل چيئرمين منير ڀرڳڙي پاران  لياقت جتوئي سان سياسي راھون جدا ڪري پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ۽ پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر خليل احمد کوھارو تي مڪمل اعتماد ڪندي پ پ جي نامزد اميدوار چيئرمين امجد علي ھنڱوروجي حق ۾ دستبردار ٿي پ پ ۾َ سندس ڀائرن محمد عرس ۽ بشير ڀرڳڙي  سميت ڀرڳڙي برادري پاران پ پ ۾ شامل ٿي ويا پ پ اميدوار امجد علي بنا مقابلي چيئرمين بڻجي ويو، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ صداقت ناريجو مظھر حسين ھنڱورو امجد علي ھنڱورو آصف ڀرڳڙي زاھد کوسو غلام حيدر بروھي  سميت ٻيا موجود ھئا.

  • مڪاني چونڊن ۾ پ پ اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا: امداد جوکيو

ملير(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي يوسي پپري جي نامزد اميدوارن چيئرمين ڊاڪٽر عظمت لُنڊ، وائس چيئرمين علي محمد گبول پاران  مڪاني چونڊن جي حوالي سان پپري موڙ کان سنڌي ڳوٺ تائين ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي پي پي ملير پي ايس جي صدر امداد جوکيو ڪئي، ريلي ۾ سوين ڪارڪنن، جيالن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ريلي يوسي پپري جي مختلف علائقن عيدو ڳوٺ، شاهه ٽائون، حمائتي ڳوٺ، مريد گبول ڳوٺ، نصيرآباد سميت ٻين ڳوٺن مان ٿيندي سنڌي ڳوٺ ۾ اليڪشن آفيس تي ختم ٿي جتي ريلي جلسي ۾ تبديل ٿي وئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي پي ايس جي صدر امداد جوکيو، نامزد چيئرمين ڊاڪٽر عظمت لُنڊ، وائس چيئرمين علي محمد گبول ۽ ٻين چيو ته 15 جنوري تي ٿيندڙ اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جا نامزد اميدوار وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا، ۽ مخالفن جي ضمانت ضبط ٿي ويندي اڳواڻن چيو ته يوسي پپري پاڪستان پيپلز پارٽي جو قلعو آهي جنهن کي ڪير به فتح نه ٿو ڪري سگهي، پپري جي عوام سدائين پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي، هن ڀيري به عوام پيپلز پارٽي جي اميدوارن کي ڪامياب ڪندي، هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جنهن هميشه غريبن کي روزگار ڏنو آهي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪيا آهن مخالف ڪيتري به پروپيگنڊه ڪن ۽ ڪيتريون ئي سازشون ڪن پر عوام سندن چوڻ ۾ نه ايندي عوام کي خبر آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ان جا نمائندا سدائين عوام سان گڏ هوندا آهن، هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي انشاالله 15 جنوري تي اليڪشن کٽي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين ڳوٺن کي بينيادي سهولتون ڏئي ماڊل وليج ۾ تبديل ڪنداسين، ان موقعي تي پي پي اڳواڻن صديق مري، شبير ڊار، يونس عمراڻي، صلاح الدين گبول،لياقت مگسي، وارڊ ڪائونسلر رسول بخش ٽڳڙ، لالا جاويد، عمر حمائتي، دوست محمد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

  • چوهڙ جمالي ٽائون ڪميٽي جي 7 وارڊن تان پ پ اميدوار ڪامياب

چوھڙجمالي ( ن ع آ) شاهبندر تعلقي جي ست يوسيز ۽ چوهڙ جمالي ٽائون ڪميٽي هي ست وارڊن تان پ پ جا سمورا اميدوار بنا مقابلي  ڪامياب شاهبندر ۾ ڪٿي به پولنگ نه ٿيندي پ پ ضلع سجاول جي صدر، ايم پي اي رئيس محمد علي خان ملڪاڻي ۽ حاجي شوڪت علي خان ملڪاڻي جن جي ڪوششن بعد چوھڙجمالي م ٻي مرحلي ۾ ٿيندڙ مڪاني اليڪشن کان اڳ پ پ مخالف اميدوارن طرفان پ پ جي نامزد اميدوارن جي حق ۾ ھٿ کڻي ويا جنهن جي نتيجي ۾ٽائون ڪميٽي چوھڙجمالي جي ستن وارڊن تان پ پ جا نامزد اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن . ريٽرننگ آفيسر حبيب الله وڳڻ ستن ئي اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ٽائون ڪميٽي چوھڙجمالي جي ستن وارڊن تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن ۾ وارڊ هڪ جي  محمد عثمان ميمڻ وارڊ ٻه هي  اصغر جمالي وارڊ 3 جي ھوت سنجراڻي وارڊ 4 جي دين محمد ملاح ،وارڊ 5 جي سڪندر اعظم ميمڻ وارڊ 6 جي اميدوار شڪيل احمد کٽي ۽ وارڊ 7 تي  رياض سسيو شامل آهن .واضع رهي ته ضلعي سجاول جي ھي پھرين ٽائون ڪميٽي آھي جنھن جا سڀ ميمبر بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن ساڳئي وقت شاهبندر تعلقي جي ست يوسيز جن يوسي شاهبندر يوسي دولتپور , يوسي جونگو جلباڻي يوسي گونگاڻي يوسي لاڏون يوسي ڇڇ ڇڇ جهان خان يوسي اسلام ڳڙھ تي بيٺل و پ جا سمورا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن ڪامياب اميدوارن کي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا آھن.

  • ٽڪيٽ ڏيڻ تي پ پ قيادت جو ٿورائتو آهيان:اسماعيل ميمڻ

بُلڙي شاھ ڪريم (ن ع آ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ پاران بُلڙي شاھ ڪريم ٽائون جي وارڊ نمبر 2 تي نامزد ٿيل اميدوار براءِ جنرل ميمبر حاجي محمد اسماعيل ميمڻ چيو آھي تہ اسان آئون پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جو انتھائي ٿورائتو آهيان جن مونکي مقاني چونڊن م ٽڪيٽ ڏنو ۽ پارٽيءَ پاران ڏنل ذميوارين تي انشاءالله پورو لھي سوڀ ماڻي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏئي گھر ڀيڙو ڪنداسين ۽ بُلڙي شاھ ڪريم جي نگريءَ ۾ بي حساب ترقياتي ڪم ڪرائي ڪريم جي نگريءَ کي ترقيءَ طرف گامزن ڪنداسين ھن چيو تہ شھر شاھ ڪريم کي صاف ستٿرو رکيو ويندو جيئن ٻين ضلعن کان ايندڙ ماڻھو بہ ڪريم جي نگريءَ کي شوق سان ڏسڻ پسند ڪندا ۽ درگاھ شاھ ڪريم تي ايندڙ زائرين لاءِ پڻ سموريون سهولتون ميسر ڪيون وينديون ، ھن چيو تہ اسان جا مخالف ڀلي نوھن چوٽيءَ جو زور لڳائين پر کين سواءِ شڪست جو ٻيو ڪجھ بہ نصيب نه ٿيندو. ھن چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوامي خدمت کي اولين ترجيح ڏي ٿي .

  • ھالا ۾مڪاني چونڊن  لاءِ اميدوار ميدان ۾ لٿل، ووٽ لاءِ  منٿون

ھالا) رپورٽ : عاقل ابڙو) مڪاني چونڊن ۾ هڪ ڏهاڙو رهڻ سبب ھالا شهر سان تعلق پي پي، تحريڪ انصاف ۽ فنڪشنل ليگ سميت ڪجهه  آزاد اميدوارن پاران در در پنهنجي چونڊ مهم تيز ڪندي ھالا جي ووٽرن کي کين ووٽ ڪرڻ لاءِ منٿ ميڙ ڪرڻ لاءِ پنهنجو زور لڳائڻ جو عمل تيز ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ پي پي جي اميدوارن جي ورڪ لاءِ مخدوم هائوس سرگرم هوندي مخدوم احمد زمان، صوبائي وزير روينيو مخدوم محبوب الزمان جو ڪوآرڊينيٽر ميرمسرت جعفري،مخدوم هائوس جو ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاهه، شير محمد ڏاهري، وڏيرو وسيم ٻگهيو جي اڳواڻي ۾ پي پي جي نامزد اميدوارن رجب علي ساند، سردار رحيم سوڌڙو،نواز ڀٽو، گل محمد پنهور،عبدالجبار مهر،جي تڪن جو طوفاني دورو ڪندي رات جو دير تائين جيئي ڀٽو، جيئي مخدوم جميل الزمان جي گانن تي ڊانس ۽ نعره هڻندي پنهنجي اميدوار جي نشان تير تي ٺپو هڻي کين ڪامياب ڪرڻ لاءِ خطاب ڪيو.  هنن چيو ته مخدوم هائوس ۽ ھالا جو عوام هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن جيڪي ڪڏهن به هڪٻئي کان ڌار ٿا ٿي سگهن، ھالا جي عوام هميشه جيان 15 جنوري تي به تير تي ٺپو هڻي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏيندا.ٻئي طرف ھالا هائوس جي نامزد اميدوارن جي چونڊ ورڪ ھالا هائوس مان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مخدوم فضل، مخدوم محسن،مخدوم عمار حيدر جن پنهنجن اميدوارن جي ڪاميابي لاءِ سندن تڪن جي ووٽرن کي سندن اميدوارن کي ووٽ ڏيارڻ شهر ڀر جي ووٽرن جي دردر، دڪانن، هوٽلن،اوطاقن تي وڃين ڪري کين سندن اميدوارن جي چونڊ نشان، تالي، لغڙ، واسڪوٽي،اسڪوٽر جي نشان تي ٺپو هڻندي کين پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيندي کين ڪامياب ڪرڻ جو خطاب ڪيو.

  • ڄامشورو ۾ اليڪشن جون تياريون مڪمل، اميدوارن جي ورڪ تيز

ڪوٽڙي (ن ع آ) ڄامشورو ۾ 2023 جي بلدياتي اليڪشن جون تياريون مڪمل اميدوارن ورڪ تيز ڪري ڇڏي سموري ضلعي ۾ هڪ  ضلعي ڪائونسل ٽن ميونسپل ڪميٽيز پنج ٽائون ڪميٽيز ۽ 30 يونين ڪائونسل تي 37 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ۽ اميدوار جي فوت ٿيڻ 213 سيٽن تي 837 اميدوار آمهون سامهون دلچسپ مقابلو  پاڪستان پيپلزپارٽي جو ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽، ڄامشورو اتحاد، سان ٿيندو ڪيترائي آزاد اميدوار پڻ ميدان ۾ لٿل بلدياتي اليڪشن کي حتمي شڪل ڏني وئي ضلعي ۾ ٽن ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي، ميونسپل ڪميٽي ٻولهاڙي، ۽ سيوهڻ، جڏهن تہ 6 ٽائون ڪميٽي سن، مانجهد، ڀان، ڄامشورو، بولاخان 71 سيٽن 30 يونين ڪائونسل تي چيئرمين، وائرس چيئرمين، ضلعي ميمبر، وارڊ ميمبر، جون 180 ٽوٽل 251 سيٽن تي 37 اميدوار بنا مقابلي هڪ اميدوار جي فوت ٿيڻ بعد 213 سيٽن تي 837 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو.

  • ڏاڍ تي اليڪشن چورائڻ جي ڪوشش ٿئي پئي: رياض  چانڊيو

گھوڙاٻاري (ن ع آ) جيئي سنڌ محاذ طرفان يوسي کاڻ ايٽ ور شھر تان آزاد اليڪشن وڙھندڙ غلام نبي کٽي جي حمايت ۾ اڄ ور شهر ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو نواز شاهه ڀاڏائي سرور شاهه ڀاڏائي امجد شورو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي شھر جي مختلف رستن تان ٿيندي مين چوڪ تي پھچي جلسي جي صورت اختيار ڪري وئي ان موقعي تي خطاب ڪندي محاذ سربراھ رياض چانڊيو چيو ته سنڌ ۾ ڏاڍ ۽ جبر جو راڪاس گھمي رھيو آھي بلدياتي اليڪشن چورائڻ جي ڪوشش ٿي رھي آھي سنڌ حڪومت يوسي سطح تائين چونڊن تي اثر انداز ٿي رھي آھي سنڌ ھاء ڪورٽ نوٽيس وٺي جھموريت جي دعوا ڪندڙ پ پ عوام کي ووٽ جو آزادانا استعمال ڪرڻ جو حق به نٿي ڏئي اسين موجودا اليڪشني سسٽم تي بي اعتمادي ظاھر ڪريون پر جس ھجي انھن غريب ورڪرن کي جيڪي ڀوتارن جي سامھون ميدان ملھائي بيٺا آھن سنڌ جي مسئلن جو حل سائين جي ايم سيد جي فڪر ۾ آھي حڪمران سنڌ تباھ ڪري چڪا آھن عوام سجاڳ ٿي اڳيان اچي ٻي پاسي جيئي سنڌ محاذ وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي خطاب ڪندي چيو ته ور شهر جي عوام سجاڳ ٿي چڪي آهي ماڻھون ھاڻي جيئي ڀٽو اٽو لٽو اجھو جي ڊونگ مان بيزار ٿي چڪو آھن مانھگائي عروج تي آهي پورھيت طبقو ھڪ ويلي جي ماني گراھ لاءِ پريشان آهي پ پ سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي ھن وڌيڪ چيو ته مونکي يقين آهي عوام ھاڻي پ پ جي ڪوڙن ڏٽن تي نه ھلندي ۽ غريب گهراڻي جي قومي ڪارڪن غلام نبي کٽي کي ھڪ ڀيرو ضرور ووٽ ڏيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.