لاڙڪاڻي ۾ 6 ٻارن جي ماءُ پاران مڙس سان ڪاوڙجي آپگهات ڪوشش

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) لاڙڪاڻي ۾ 6 ٻارن جي عورت مڙس سان ڪاوڙجي رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش، ماڻهن کيس بچائي ورتو، عورت زخمي حالت م اسپتال داخل، ڪوريج دوران ڊيوٽي ڊاڪٽر جي ڪيمرامين سان بدتميزي، معذرت بعد ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ميروخان شهر جي سيلرا پاڙي جي رهواسڻ 6 ٻارن جي امڙ عورت مائي ڪلثوم زال الطاف تونيو مڙس سان ڪاوڙجي پنهنجي ڀيڻ جي گهر مان نڪري شهر جي لاهوري پاڙي وٽان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اتي موجود ماڻهن رائيس ڪئنال مان ڪڍي ورتو بعد ۾ وارثن کيس چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ زخمي عورت جي ڀيڻ فاطمه تونيو صحافين کي ٻڌايو ته ڪجهه سال اڳ منهنجي ڀيڻ جي شادي ميروخان واسي ريڙهي تي فروٽ وڪرو ڪندڙ الطاف تونيو سان ٿي هئي جنهن مان کيس چئن پٽن ۽ ٻن نياڻين جي اولاد آهي، اڄ صبح جي وقت ڀيڻ مڙس سان ڪاوڙجي لاڙڪاڻي شهر جي لهر ڪالوني ۾ منهنجي گهر اچڻ سان ئي گهر اندر ڳنڍ رکي خودڪشي ڪرڻ لاءِ گهران نڪتي جنهن کي اسان منع به ڪئي پر ان جي باوجود هن رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي،  ڀيڻ مٿان مڙس ظلم ڪندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.