ڪڪڙ ۾چور 11ھزار بجلي جون تارون ڪٽي ويا، بجلي بند

ڪڪڙ (ن ع آ)ڪڪڙ ۾بجلي بند سبب نامعلوم چورن 9 بجلي جي پولن جون 11ھزار بجلي جون تارون چوري ڪري ڪٽي کڻي ويا  رائيس ملز ۽ اٽي چڪيون بند 50 ڳوٺن جي بجلي جي سپلاء معطل شھري پيئڻ جي پاڻي ڍڪ لاء پريشان پوليس خاموش ٿي ويا، ڪڪڙ ٿاڻي جي حد مان ڪي اين شاه گريڊ کان نڪرندڙ   خانپورجوڻيجو فيڊر لائين جيڪا ڪڪڙ ايندڙ بجلي جي مين سپلاء لائين جي وچ رستي مان بروھي گھرن سامھون   بجلي جي 9 ٿنڀن جون11ھزار تارون نامعلوم چورن ڪٽي چوري ڪري کڻي فرار ٿي ويا ٿنڀن جون تارون چوري ٿيڻ دوران ڪڪڙ سميت 50 ننڍا وڏا ڳوٺن ڏانھن ويندڙ بجلي جي فراھمي معطل آھي جن ۾ ڪڪڙ درمحمد ابڙو پريل قمبراڻي ٿرڙي جادوشھيد مريد ٻٻر پير جڳشينھن دڙا ماڇي ھنڱورا  سميت ٻيا ننڊا وڏا ڳوٺ شامل آھن بجلي جي فراھمي معطل سبب ڪڪڙ سميت ننڊن وڏن ڳوٺن ۾ 15کان مٿي اٽي چڪيون سميت سوين ننڊا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند ٿي ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.