سکر ۾ پوليس ڪارروائي، اڏي تي ڇاپو، 7 جواري گرفتار

سکر(رپورٽر) سکر سي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر ٿيل نئين ايس ايچ او شڪيل اعواڻ جوارين ۽ ڏوھارين خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي. ان ڏس ۾ سکر  سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جوا جي ٽڪري تي ڇاپو ھڻي 7 جوارين کي  گرفتار ڪري سندن قبضي مان تاس ۽ پئسا ھٿ ڪري ورتا آهن. ان ڏس ۾ سي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او شڪيل اعواڻ سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته پوليس کي اطلاع مليو تي جوا جي ٽڪري تي ڪجھ جواري جوا کيڏي رھيا آھن. جنھن بعد فوري طور تي ڪاروائي ڪري جوابدار نادر ابڙو سميت 7 جوارين کي گرفتار ڪري ڪجھ پئسا ۽ جوا واري تاس ھٿ ڪري مٿن گناھ نمبر 06/2023 قلم 5 اي جي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ ڪٿي به ڏوھ ٿيو ته ان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.